ڄام هالو

ڄام هالو: سمن ۾ ’هالي‘ جي نالي سان انيڪ سردار ٿي گذريا آهن. ذڪر هيٺ آيل ڄام هالو، ساند جو پٽ ۽ لاکي گوراڙي جو پوٽو هو. سنڌ جو آخري سومرو حڪمران همير سومرو سندس ناٺي هو. عام روايتن مطابق همير سومري ۽ سندس راڻيءَ جي وچ ۾ اڻبڻت جي ڪري ڄام هالي سندس اٺن پٽن: ڏيري، پلي، جکري، هوٿي، هنڱوري، جيهي، جوڻي ۽ عليءَ، همير سومري سان لڙائي ڪئي. ’جنگ نامي‘ ۽ ’سومرن جو دؤر‘ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي روايت آهي ته همير سومري هن جهيڙي کي ٽارڻ لاءِ پنهنجي وڏي زال جي هڪ نياڻي ٻاگهي، هالي جي پٽ جوڻي کي پرڻائي ڏني، پر سندس اها ڪوشش به مستقل امن جي ضامن بڻجي نه سگهي ۽ نيٺ همير سومرو، ڄام هالي ۽ سندس پٽن جي هٿان ماريو ويو.
ڄـام هـالـي جــو ذڪـر سـنـڌ ۾ سـمـن جـي حـڪـومت جـو پايـو وجهـندڙ حڪمران ڄام انڙ سان گڏ ايندو آهي، جنهن جو زمانو 1334ع وارو آهي، جنهن مطابق ڄام هالي، همير سومري کي ماري سنڌ ۾ سومرن جي راڄ جو خاتمو آندو. هن سلسلي ۾ سهيڙيل لوڪ روايتن جي ذخيري جي بنياد تي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکيو آهي ته همير سومري کي ڄام هالي ماريو، پر حڪومت سندس سئوٽن مان ڄام انڙ کي ملي. ان ڪري چوڻ به آهي ته: ”کٽي هڪڙن ۽ کاڌي ٻين“.


لفظ ڄام هالوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو